سنساري نروار

سنساري نروار

سنساري نروار

سنساري نروار (ڪتاب): هيءُ ڪتاب فارسي جي حقايق الموجودات جي هنديءَ ۾ ڪيل ترجمي واري ڪتاب بديانگر تان سنڌي وائيءَ ۾ ننديرام ميراڻيءَ ترجمو ڪيو. هيءُ ڪتاب استاد ۽ شاگردن جي وچ ۾ خدا جي مخلوق متعلق سوالن جوابن تي مشتمل آهي، جنهن کي ليکڪ شاعراڻه انداز ۾ قلمبند ڪيو آهي. ڊيمي سائيز، ڪچي جلد سان 207 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب اليس صاحب ايڪٽنگ ڪمشنر سنڌ جي منظوريءَ سان، جون 1861ع ۾ تعليم کاتي جي ڇاپخاني مان ڇپيو. هن ڪتاب تي قيمت ڄاڻايل نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو